”مختلف طبقا متاثر ٿيندا“ سنڌ اسيمبلي شراب خانن تي پابندي جو ٺهراءُ رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي صوبي ۾ شراب خانن جا لائسنس رد ڪرڻ ۽ خريد ۽ وڪري تي پابندي جي ٺهراءَ کي رد ڪري ڇڏيو.
شراب خانن تي پابندي جو ٺهراءُ ايم ڪيو ايم ميمبر انيل ڪمار طرفان پيش ڪيو ويو، جنهن جي حڪومت مخالفت ڪئي.
ٺهراءَ ۾ سڄي صوبي ۾ شراب جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ سمورا لائسنس رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.
گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته شراب خانن تي پابندي لاڳو ڪرڻ سان معاشري جا مختلف طبقا متاثر ٿيندا، تنهن ڪري حڪومت ان تجويز جي حمايت نه ٿي ڪري سگهي.
بحث کانپوءِ اسيمبلي ٺهراءُ رد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.