ممبئي (ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ۽ فلمساز سونو سود باصلاحيت اداڪار راجپال يادَو جي حمايت ڪندي اعلان ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي ايندڙ فلم ۾ راجپال يادَو کي ڪاسٽ ڪري رهيو آهي ۽ ان قدم کي انڊسٽري لاءِ گڏيل ذميواري قرار ڏنو آهي.
سونو سود پنهنجي بيان ۾ چيو ته راجپال يادَو هڪ عظيم اداڪار آهي، جنهن سالن تائين انڊسٽري ۾ يادگار ڪم ڪيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن زندگي ناانصافي ڪندي، جيڪا صلاحيت سبب نه پر خراب وقت سبب هوندي آهي.
هن چيو ته راجپال يادَو سندس فلم جو حصو هوندو ۽ هو سمجهي ٿو ته هي اهڙو وقت آهي جڏهن فلمسازن، هدايتڪارن ۽ ساٿي فنڪار سڀني کي گڏ ٿي بيهڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ويو ته هڪ ننڍڙي سائيننگ رقم، جيڪا مستقبل جي ڪم سان ايڊجسٽ ٿي سگهي، خيرات نه پر عزت آهي، جڏهن انڊسٽري جو پنهنجو ڪو ماڻهو ڏکئي دور مان گذري رهيو هجي ته انڊسٽري کي اهو احساس ڏيکارڻ گهرجي ته هو اڪيلو ناهي.
فلمساز چيو ته اهڙي ريت ئي ثابت ٿئي ٿو ته فلم انڊسٽري رڳو ڪاروبار نه پر هڪ ڪٽنب به آهي.
You might also like