ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن کي اداڪارا ريکا سان ٻي شادي ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
راکي ساونت جي تازي انٽرويوءَ جي هڪ ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هوءَ اميتاڀ بچن ۽ جيا بچن جي ازدواجي زندگي بابت ڳالهائي رهي آهي.
ان دوران راکي چيو ته”مان اميتاڀ بچن کي چونديس ته هو بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ريکا سان شادي ڪري، ڇو ته هاڻي ٻه شاديون ڪرڻ وارو ٽرينڊ هلي رهيو آهي.“
راکي وڌيڪ چيو ته ” اميتاڀ بچن زال طور جيا بچن جي چونڊ ڇو ڪئي؟ اهو مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي، اداڪارا ريکا کي ڇو نه چونڊيو؟ جيا بچن ڪروڙپتي ۽ ارب پتي آهي، پوءِ به سٺو لباس نٿي پائي.“
راکي جيا بچن کي مخاطب ٿيندي اهو به چيو ته ”مون کي پنهنجي سالگرهه تي سڏايو، مان توهان کي سٺي شلوار قميض تحفي ۾ ڏينديس.“
راکي ساونت جيا بچن کي صلاح ڏيندي چيو ته ” توهان پنهنجا وار ڊائي (وارن رنگ ڪرڻ) ڪريو ۽ چهري تي بوٽوڪس ڪرايو، جيڪڏهن ڪو مون کي چوي ته اميتاڀ بچن لاءِ جيا ۽ ريکا مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪريو ته مان ريکا کي چونڊينديس.“
You might also like