واٽس ايپ ويب ورزن ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪالنگ سپورٽ فيچر متعارف، اهم تفصيل جاري

واٽس ايپ جي ويب ورزن ۾ نيٺ اهو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن جو واهپيدار ڊگهي عرصي کان مطالبو ڪري رهيا هئا.
واٽس ايپ جي ويب ورزن ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪالنگ سپورٽ فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
هن وقت واٽس ايپ جي موبائل، ونڊوز ۽ ميڪ ڊيسڪ ٽاپ ايپس ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪالز ڪري سگهجن ٿيون، پر ويب ورزن ۾ اها سهولت موجود ناهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي ويب ورزن ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪالز وارو فيچر محدود بيٽا واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽيڊ ڪالز سان گڏ واهپيدار اسڪرين شيئرنگ جي سهولت به حاصل ڪري سگهندا، جنهنڪري هي ويب ورزن لاءِ هڪ ڪارائتي اپڊيٽ سمجهي وڃي ٿي.
هن فيچر تي ڊگهي عرصي کان ڪم جاري آهي ۽ في الحال ان تحت ون آن ون چيٽس ۾ ڪالنگ جي سهولت موجود هوندي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن وقت هي فيچر محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي، پر امڪان آهي ته جلد ئي ان کي وڏي پئماني تي متعارف ڪرايو ويندو.
رپورٽ موجب، موبائل ايپ جيان ويب ورزن ۾ به ڪالز کي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو تحفظ حاصل هوندو.
ڪالز لاءِ سگنل پروٽوڪول استعمال ڪيو ويندو، جيڪو هي ڪمپني 2016 کان استعمال ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.