ننڍي عمر جي شادي خلاف قانون کي چيلينج ڪرڻ تي شرميلا فاروقي جو فضل الرحمان کي سزا ڏيڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ ننڍي عمر ۾ شادين جي خلاف قانون جي مخالفت ۾ سخت بحث ٿيو، جتي پ پ ميمبر شرميلا فاروقي مولانا فضل الرحمان طرفان قانون کي چيلينج ڪرڻ تي سخت ردعمل ڏنو.
ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شرميلا فاروقي چيو ته ڪجهه ڌرين طرفان ڌمڪي ڏني وئي ته جيڪڏهن صدر صحيحون ڪيون ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو پر صدر سڌي رستي تي هلڻ ۽ قوم جي ڌيئرن سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بل تي صحيحون ڪيون، جيڪو اڄ باقاعدي قانوني شڪل اختيار ڪري چڪو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو پارليامينٽ ميمبر، جيڪو پاڻ قانون ساز آهي، ايوان ۾ بيهي منظور ٿيل قانون کي چيلينج ڪري ٿو ۽ رياست کي للڪاري ٿو ته ان جي ڪهڙي سزا هجڻ گهرجي؟ سڀني ميمبرن حلف کنيو آهي ته هو آئين ۽ قانون موجب ايوان کي هلائيندا، تنهن ڪري منظور ٿيل قانون کي چيلينج ڪرڻ پارليامينٽ جي بالادستي جي خلاف آهي.
شرميلا فاروقي چيو ته قانون کي شرعي يا اسلامي معاملو قرار ڏئي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش درست ناهي، اهو قانون ٻارڙين جي تحفظ ۽ انهن جي بنيادي حقن لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ ان تي اڳ به گڏيل اجلاس ۾ تفصيلي بحث ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.