ورلڊ ڪپ ۾ نئون تڪرار، ڀارتي رانديگرن جي بيٽن تي سوال اُٿڻ لڳا

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران سريلنڪن ڪرڪيٽر ڀانوڪا راجا پڪسا ڀارتي بيٽرن جي بيٽن تي سوال اٿاري ڇڏيو، جنهن نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
سريلنڪن ڪرڪيٽر ڀانوڪا راجاپڪسا الزام لڳايو ته ڀارتي بيٽر خاص بيٽس استعمال ڪري رهيا آهن.
آچر ڏينهن سريلنڪا ڪولمبو ۾ آئرلينڊ خلاف 20 رنسن تان شڪست ڏئي پنهنجي ورلڊ ڪپ مهم جي شروعات فتح سان ڪئي، پر ميچ کانپوءِ راجاپڪسا جي بيان ميچ جي نتيجي تام ڌيان هٽائي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي راجاپڪسا دعويٰ ڪئي ته ڀارتي بيٽر اهڙا بيٽس استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪي کين غير منصفاڻو فائدو ڏين ٿا.
راجاپڪسا چيو ته ڀارتي رانديگرن جا بيٽس انهن بهترين بيٽس کان به گهڻو بهتر آهن جيڪي اسان کي دستياب آهن، ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ انهن تي رٻڙ جو تهه چڙهيل هجي.
هن چيو ته ” مان سمجهي نٿو سگهان ته اهو ڪيئن ممڪن آهي، اهي بيٽس ٻيا رانديگر خريد نٿا ڪري سگهن ۽ سمورا رانديگر ان ڳالهه کان واقف آهن.“
جيتوڻيڪ انهن الزامن بابت ڪا به باظابطا شڪايت داخل ناهي ڪرائي وئي، پر ان بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي افواهه گردش ڪرڻ لڳا آهن.
واضح رهي ته ڀانوڪا راجاپڪسا سريلنڪا جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو ناهي.
ٻئي پاسي هينئر تائين نه ڀارتي ٽيم ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) اهڙين دعوائن تي ڪو به ردعمل ظاهر ناهي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.