ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ٽِم ۽ فِن جي جارحاڻي بيٽنگ، نيوزيلينڊ يو اَي اِي کي 10 وڪيٽن تان هارائي لڳاتار ٻي ميچ کٽي ورتي

چنائي (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 11 هين ميچ ۾ نيوزي لينڊ گڏيل عرب امارتن ( يو اَي اِي )کي 10 وڪيٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
چنائي ۾ کيڏيل گروپ ڊي جي ميچ ۾ يو اي اي جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون ٺاهيون.
يو اي اي طرفان ڪپتان محمد وسيم 66 ۽ علي شان شرفو 55 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ميٽ هينري 2 وڪيٽون ورتيون.
يو اي اي جي 174 رنسن جي جواب ۾ ڪيويز اوپنرز ٽِم سائفرٽ ۽ فِن ايـلن جارحاڻي اننگز جي مدد سان 174 رنسن جو هدف بنا ڪنهن نقصان جي 16هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو.
ٽِم سائفرٽ 89 ۽ فِن ايـلن 84 رنسون ٺاهيون.
ٽِم سائفرٽ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
هن ڪاميابي سان گڏ نيوزي لينڊ ايونٽ ۾ لڳاتار ٻي فتح حاصل ڪري ورتي آهي، ڪيويز پنهنجي پهرين ميچ ۾ افغانستان کي شڪست ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.