مريم نواز جو بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز لاءِ 10 ارب رپيا مدد جو اعلان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز لاءِ 10 ارب رپين جي مدد جو اعلان ڪيو آهي.
مريم نواز بلوچستان جو دورو ڪيو، هن ڪوئيٽا ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن سيڪيورٽي فورسز لاءِ 10 ارب رپين جي مدد جو اعلان ڪيو.
مريم نواز وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جو به دورو ڪيو، جتي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي صوبائي ڪابينا ۽ اسيمبلي ميمبرن سان گڏ سندس آجيان ڪئي.
ان موقعي تي مريم نواز چيو ته بلوچستان جي عوام جو جذبو ۽ پاڪستان سان وابستگي ساراهه جوڳي آهي، بلوچستان کي پيش چيلينجن ۾ پنجاب حڪومت هر ممڪن سهڪار ڪندي، اسان بلوچستان سان گڏ آهيون، دهشتگردي جو خاتمو قومي يڪجهتي سان ممڪن آهي، بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي ڏسڻ چاهيون ٿا.
سرفراز بگٽي چيو ته مريم نواز کي ڀليڪار چئون ٿا، سيڪيورٽي فورسز لاءِ مدد هاڪاري ۽ ساراهه جوڳو قدم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.