ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: نيڌرلينڊز جي پهرين فتح، نميبيا 7 وڪيٽن تان شڪست

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچ ۾ نيڌرلينڊز نميبيا کي 7 وڪيٽن سان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
نئين دهلي جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل گروپ اي جي ميچ ۾ نيڌرلينڊز ٽاس کٽي پهرين نميبيا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن نميبيا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنسون ٺاهيون.
نميبيا طرفان جان نِڪل 38 بالن تي 2 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 42 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي.
نيڌرلينڊز جي ٽيم 157 رنسن جو هدف 18هين اوور ۾ حاصل ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪئي.
نيڌرلينڊز طرفان بيس ڊي ليڊ 48 بالن تي 5 چوڪن ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان 72 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن تي کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.