”سولرائيزيشن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نقصان پهچايو پيو وڃي“ نيپرا جي نئين ريگيوليشن پاليسي تي پ پ جي تنقيد

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان نئين نيپرا پاليسي کي پاڪستان جي ماحولياتي واعدن جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته نيپرا جا نوان قاعدا صاف ۽ سستي بجلي فراهم ڪندڙ شهرين کي سزا ڏيڻ جي برابر آهن، نيپرا تي ڀروسو ڪري سولرائيزيشن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نقصان پهچايو پيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته روف ٽاپ سولر ۽ ٻين سيڙپڪارن کي ناڪاري پيغام ڏنو پيو وڃي، بجلي جي ورڇ واري نظام کي يا ته خانگايو وڃي يا صوبن حوالي ڪيو وڃي.
واضح رهي ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) نيشنل گرڊ کي بجلي وڪرو ڪرڻ جي اگهن ۾ لاٿ ڪري ڇڏي آهي.
نئين ريگيوليشنز 2026 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پراڻا سولر واهپيدار پنهنجي بجلي نيشنل گرڊ کي 25 رپيا 32 پئسا في يونٽ جي پراڻن ريٽن تي ئي وڪرو ڪندا، پر نون واهپيدارن لاءِ نيشنل گرڊ کي وڪرو ڪيل بجلي جي في يونٽ ريٽ ۾ 17 رپيا 19 پئسا وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، هاڻي نوَن واهپيدارن کي في يونٽ قيمت 8 رپيا 13 پئسا ملندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.