اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي چيئرمين محسن نقوي آءِ سي سي سان ٿيل ڳالهين بابت چيو آهي ته اسان جو مقصد رڳو بنگلاديش کي عزت ڏيارڻ هو.
هڪ بيان ۾ محسن نقوي چيو ته اسان بنگلاديش کانسواءِ ڪا به شرط نه رکي، اسان جو ڪو به ذاتي مقصد نه هو.
پي سي بي چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان جو مقصد بنگلاديش سان ٿيندڙ ناانصافي کي اجاگر ڪرڻ هو، اهو قدم خاص طور بنگلاديش لاءِ کنيو ويو ۽ بنگلاديش جا جيڪي به مطالبا هئا اهي مڃيا ويا.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ لاهور ۾ آءِ سي سي، پي سي بي ۽ بي سي بي وچ ۾ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ جي بائڪاٽ بابت ڳالهين جو سلسلو ٿيو هو.
آءِ سي سي جي وائس چيئرمين عمران خواجه ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي وچ ۾ ڳالهين ٿيون، جن ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر امين الاسلام پڻ موجود هو.
ان کاپوءِ آءِ سي سي، پي سي بي ۽ بي سي بي سان ٿيل ڳالهين جا تفصيل جاري ڪيا.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي بنگلاديش تي ڪو به ڏنڊ لاڳو نه ٿيندو، جڏهن ته بنگلاديش کي آءِ سي سي جي هڪ ايونٽ جي ميزباني پڻ ڏني ويندي.
آءِ سي سي جو چوڻ هو ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ 2028 کان 2031 جي وچ واري عرصي ۾ هڪ ايونٽ جي ميزباني ڪندو.
ان کان اڳ سريلنڪن صدر ۽ بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان کان ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کانپوءِ پاڪستاني حڪومت گرين شرٽس کي ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جي اجازت ڏني.