سياسي اختلاف وساري دهشتگردي خلاف هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف سياسي اختلاف وساري گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي.
اسلام آباد حملي بابت سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪٿي نه ڪٿي سيڪيورٽي بريچ ٿيندي آهي، اسان کي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ضرورت آهي.
بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته دهشتگرد حملي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن جي پونئرن لاءِ حڪومت امدادي پيڪيج جو اعلان ڪندي.
خواجه آصف وڌيڪ چيو ته اسان جي فوج، پوليس ۽ قوم دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهي رهي آهي، پَڪ آهي ته اسان دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين ۽ سمورين ڏکيائين تي ضرور ضابطو آڻينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.