ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ واري فيصلي کي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي سٺو سنئوڻ ڏئي ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي شاهد آفريدي چيو ته” پاڪستاني حڪومت ميچ ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ساک کي محفوظ ڪيو آهي.“
هن چيو ته ”حڪومت پنهنجي فيصلي سان راند جي عالمي مضبوطي کي به يقيني بڻايو، جنهن سان ڪرڪيٽ اسپرٽ برقرار رهي.“
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ آهي ته” ڪرڪيٽ جي فتح ٿي، جنهن جو مطلب آهي ته راند ويڇا گهٽائڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي رهندي“
واضح رهي ته حڪومت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڀارت خلاف شيڊيول ميچ کيڏڻ اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هاءِ وولٽيج مقابلو 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو.