سولر واهپيدارن لاءِ بُري خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سولر واهپيدارن لاءِ بُري خبر سامهون اچي وئي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) نيشنل گرڊ کي بجلي وڪرو ڪرڻ جا ريٽ گهٽائي ڇڏيا.
نئين ريگيوليشنز 2026 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پراڻا سولر واهپيدار پنهنجي بجلي نيشنل گرڊ کي 25 رپيا 32 پئسا في يونٽ جي پراڻن ريٽن تي ئي وڪرو ڪندا، پر نون واهپيدارن لاءِ نيشنل گرڊ کي وڪرو ڪيل بجلي جي في يونٽ ريٽ ۾ 17 رپيا 19 پئسا وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
هاڻي نوَن واهپيدارن کي في يونٽ قيمت 8 رپيا 13 پئسا ملندا.
نوَن ۽ پراڻن واهپيدارن لاءِ نيٽ بلنگ جو به نئون نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، صارف جو يونٽ هاڻي سرڪاري يونٽ جي برابر نه هوندو، هاڻي نيشنل گرڊ کان ورتل سموري بجلي جي في يونٽ قيمت سرڪاري ٽيرف ۽ سليبس موجب هوندي.
نوَن نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن لاءِ لائسنس جو مدو 7 سالن مان گهٽائي 5 سال ڪيو ويو آهي.
پاور پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپني موجب، ملڪ ۾ هن وقت 7 هزار ميگاواٽ گنجائش جا نيٽ ميٽرنگ سولر سسٽم لڳي چڪا آهن جڏهن ته 13 هزار کان 14 هزار ميگاواٽ گنجائش وارن اهڙن واهپيدارن جو اندازو آهي جيڪي آف گرڊ بجلي پيدا ڪن ٿا.
ماهرن موجب، نئين ريگيوليشنز کانپوءِ آف گرڊ سولر لڳائڻ جو رجحان وڌي سگهي ٿو.
ملڪ ۾ سولر نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن جو ڪل انگ 4 لک 66 هزار آهي، پاور ڊويزن جي پاور پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپني جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ نيٽ ميٽرنگ سولر واهپيدارن جو 82 سيڪڙو وڏن شهرن ۾ آهي.
لاهور ۾ 24 سيڪڙو، ملتان ۾ 11 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 9 سيڪڙو، ڪراچي 7 سيڪڙو ۽ فيصل آباد ۾ 6 سيڪڙو سولر واهپيدار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.