ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: مختلف ٽيمن ۾ پاڪستاني پس منظر رکندڙ رانديگرن جي شموليت، ڇا مُلڪ جو سسٽم خراب آهي؟

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: مختلف ٽيمن ۾ پاڪستاني پس منظر رکندڙ رانديگرن جي شموليت، ڇا مُلڪ جو سسٽم خراب آهي؟
اڄ کيڏي ويندڙ پاڪ-آمريڪا ميچ ۾ جتي پاڪستان طرفان 11 رانديگر ميدان ۾ لهندا، اتي آمريڪي اسڪواڊ ۾ ٽي اهڙا رانديگر به شامل آهن، جيڪي ڄاوا ته پاڪستان ۾ پر نمائندگي آمريڪا جي ڪري رهيا آهن.
ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ جاري آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ دنيا جي ٽاپ ٽيمن ۽ ايشيائي ٽيمن سان گڏ آمريڪا، گڏيل عرب امارتن ۽ نيڌرلينڊز جون ٽيمون به حصو وٺي رهيون آهن.
ميگا ايونٽ ۾ پاڪستاني رانديگرن يا پاڪستاني ڄاون رانديگرن جو انگ گذريل ايونٽن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آهي، گهٽ ۾ گهٽ اٺ ٽيمن ۾ پاڪستاني رانديگر يا اهڙا رانديگر شامل آهن، جن جو بنيادي تعلق پاڪستان سان آهي.
سومر جي ڏينهن هڪ اهڙو ميچ به ٿي، جنهن ۾ ميدان تي هڪ ئي وقت اٺ اهڙا رانديگر موجود هئا، جن يا ته پاڪستان ۾ جنم ورتو هو يا سندن والدين جو تعلق پاڪستان سان هو.
ان ميچ ۾ زمبابوي طرفان ڪپتان سڪندر رضا ميدان ۾ موجود هو، جڏهن ته عمان جي ٽيم ۾ به ست پاڪستاني يا پاڪستاني پسمنظر رانديگر شامل هئا.
اِهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڪنهن هڪ ئي ملڪ جا رانديگر ٻئي ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، جتي اهو هڪ ئي وقت سٺو سنئوڻ به آهي، اتي ئي اِها ڳڻتي جوڳي ڳالهه پڻ آهي.
هاڪاري ڳالهه انڪري آهي جو ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ ٽيلنٽ ايترو گهڻو آهي جو هڪ ئي ٽيم ۾ سمائي نٿو سگهجي، جڏهن ته ڳڻتي جوڳي ڳالهه انڪري جو انهن رانديگرن جي ملڪ ڇڏڻ پٺيان مختلف سبب آهن.
آمريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ ۾ شامل ٽن پاڪستاني رانديگرن مان هڪ فاسٽ بالر علي خان آهي، جنهن ڀارت جي ان فارم بيٽر اڀيشڪ شرما کي گولڊن ڊِڪ تي آئوٽ ڪيو.
ٻيو فاسٽ بالر محمد محسن آهي، جنهن چئن اوورن ۾ رڳو 16 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي ڪئي، جڏهن ته ٽيون رانديگر شايان جهانگير آهي، جيڪو بيٽر طور موقعي جي اوسيئڙي ۾ آهي، جيڪو کيس اڄوڪي ميچ ۾ ملي سگهي ٿو.
اهڙي ريت ايسوسيئيٽ ٽيمن ۾ عمان، نيڌرلينڊز، اٽلي، گڏيل عرب امارتن ۽ ڪئناڊا به پاڪستاني ٽيلنٽ مان لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن.
پاڪستان خلاف ميچ ۾ نيڌرلينڊز پنهنجي واحد پاڪستاني ڄائي آل رائونڊر ثاقب ذوالفقار کي موقعو نه ڏنو، جڏهن ته ڪئناڊا ڏکڻ آفريقا خلاف ليفٽ آرم اسپنر سعد بن ظفر ۽ ليفٽ آرم پيسر ڪليم ثنا کي کيڏايو، ان کانسواءِ اٽليءَ اسڪاٽلينڊ خلاف فاسٽ بالر علي حسن کي ميدان ۾ لاٿو،
گڏيل عرب امارتن جي اسڪواڊ ۾ شامل گهٽ ۾ گهٽ نوَن رانديگرن جو تعلق پاڪستان سان آهي، جنهن ۾ ڪپتان محمد وسيم پڻ شامل آهي.
هن فهرست ۾ سڀ کان وڌيڪ ذڪر جوڳو نالو زمبابوي جي ڪپتان سڪندر رضا جو آهي، جنهن جو ڳاڻيٽو دنيا جي ٽاپ آل رائونڊرز ۾ ٿئي ٿو.
هو ڪيترائي ڀيرا انٽرويوز ۾ چئي چڪو آهي ته ”جيستائين هو پاڪستان ۾ رهيو، کيس ڪرڪيٽر بڻجڻ جو ڪو خاص شوق نه هو.“
سڪندر رضا موجب، زمبابوي منتقل ٿيڻ ۽ انگلينڊ ۾ پڙهائي دوران ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي پيدا ٿي، جنهن کانپوءِ هن زمبابوي ۾ کيڏڻ شروع ڪيو، هن ڀيري هو ميگا ايونٽ ۾ ٽيم جي قيادت به ڪري رهيو آهي.
ان کانسواءِ انگلش ٽيم جي اسپن بالنگ ڊپارٽمينٽ کي به ٻه پاڪستاني پسمنظر رکندڙ رانديگر سنڀالي رهيا آهن، جنهن ۾ هڪ عادل رشيد ۽ ٻيو ريحان احمد آهي.
ٻنهي جي پيدائش ته انگلينڊ ۾ ٿي، پر سندن والدين جو تعلق آزاد ڪشمير جي علائقي ميرپور سان آهي.
پهرئين ميچ ۾ ريحان احمد کي کيڏڻ جو موقعو نه مليو، جڏهن ته نيپال خلاف عادل رشيد جي ٽن اوورن ۾ 42 رنسن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي کان پوءِ کيس ايندڙ ميچ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
پاڪستاني رانديگر ٻين ملڪن جي نمائندگي ڪرڻ کي ترجيح ڇو ڏين ٿا؟
سال 1996ع وارو ون ڊي ورلڊ ڪپ، جيڪو ٽن ملڪن ۾ کيڏيل پهريون ميگا ايونٽ هو، ان سان گڏ نيڌرلينڊز، گڏيل عرب امارتن ۽ ڪينيا جهڙن ملڪن کي به پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو موقعو مليو، تڏهن دنيا کي خبر پئي ته پاڪستاني، سريلنڪن، ويسٽ انڊين ۽ ڀارتي رانديگر رڳو پنهنجن ملڪن جي ئي نمائندگي نٿا ڪن.
جن رانديگرن کي پنهنجي ملڪ ۾ موقعو نٿو ملي، اِهي ايسوسيئيٽ ملڪن طرفان ڪرڪيٽ کيڏي پنهنجو خواب پورو ڪن ٿا.
اهڙن رانديگرن ۾ يو اَي اِي جي نمائندگي ڪندڙ شوڪت دوڪان والا شامل هو، جنهن ڀارت ۾ جنم ورتو، جڏهن ته پاڪستاني ارشد لائق، اظهر سعيد، امتياز عباسي، مظهر حسين، محمد اسلم، محمد اسحاق، سليم رضا ۽ شهزاد الطاف به ان اسڪواڊ جو حصو هئا.
اهي رانديگر نه پروفيشنل ڪرڪيٽر هئا ۽ نه ئي ڪرڪيٽ جي ڪري کين گڏيل عرب امارتن ۾ نوڪري ملي هئي، پر ٻين ملڪن جي ٽيمن ۾ شموليت سان اهو ضرور واضح ٿيو ته جيڪڏهن ڪو رانديگر پاڪستان ۾ سليڪٽ نه ٿي سگهي ته هن وٽ ٻئي ملڪ وڃي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو موجود رهي ٿو.
اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عتيق الزمان به اهڙن ئي رانديگرن مان هڪ هو، جيڪو هن وقت يورپ ۾ عالمي سطح تي ڪوچنگ جي شعبي سان واڳيل آهي.
هڪ ٽيسٽ ۽ ٽن ون ڊي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر عتيق الزمان برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”پاڪستان مان رانديگرن جي لڏپلاڻ پٺيان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو هٿ آهي، جيڪڏهن فيصلا ميرٽ تي ٿين ته ڪو به رانديگر ٻئي ملڪ وڃڻ جو نه سوچيندو.“
سندس چوڻ هو ته ”پاڪستان ڇڏڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اِهو آهي ته هتي ڪرڪيٽ کي ڪيريئر طور محفوظ چونڊ نٿو سمجهيو وڃي، جيستائين کاتن( ڊپارٽمينٽل) واري ڪرڪيٽ هلندي رهي، رانديگرن وٽ نوڪريون به هيون، مصروفيت به هئي ۽ ڊپارٽمينٽس جون ٽيمون به مضبوط هيون.“
عتيق الزمان موجب ” جڏهن کان ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ ختم ٿي آهي، رانديگرن کي ڪرڪيٽ ۾ مستقبل نظر نه پيو اچي، جيڪي سٺا ڪرڪيٽر هئا، اهي اهڙن ملڪن ڏانهن هليا ويا جتي هو ڪرڪيٽ به کيڏي سگهن ۽ عالمي ليول تي نمائندگي جو خواب به پورو ڪري سگهن.“
ٻئي پاسي اڳوڻي سليڪٽر هارون رشيد ۽ صلاح الدين صلو جو خيال آهي ته پاڪستاني يا پاڪستاني پس منظر رکندڙ رانديگرن طرفان ٻي ملڪن جي نمائندگي ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جو علائقائي ڪرڪيٽ جو ڍانچو رانديگرن کي سٺي سطح تي تيار ڪري ٿو ۽ جڏهن اهي ٻاهر وڃي کيڏن ٿا ته بين الاقوامي معيار تي پورو لهن ٿا، جيڪو ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.