سخت قدمن ۽ اثرائتي جاچ ذريعي گُل پلازا سانحي جون حقيقتون منظر عام تي آڻينداسين: ضياءَ الحسن لنجار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته سخت قدمن ۽ اثرائتي جاچ ذريعي گُل پلازا سانحي جون حقيقتون منظر عام تي آڻينداسين.
هڪ بيان ۾ صوبائي گهرو وزير گل پلازا انڪوائري ڪميشن جي جوڙجڪ بابت چيو ته جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ ڪميشن 8 هفتن اندر جاچ رپورٽ مڪمل ڪندي، ڪميشن گل پلازا جي اڏاوتي منظوري ۽ ليز جي قانوني حيثيت جي جاچ ڪندو، بلڊنگ پلان جي ڀڃڪڙي ۽ هنگامي صورتحال ۾ نيڪالي ۾ رنڊڪن جو به تفصيلي جائزو ورتو ويندو.
گهرو وزير چيو ته باهه وسائڻ وارن انتظامن ۽ فائر سيفٽي آڊٽ جي ڪوتاهين جو تعين ڪيو ويندو جڏهن ته ڪميشن باهه لڳڻ جي سببن، حالتن ۽ ريسڪيو آپريشن جي رفتار جو به معائنو ڪندي.
ضياءَ لنجار چيو ته غفلت ڪندڙ آفيسرن ۽ بلڊنگ مئنيجمينٽ خلاف ذميواري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
گهرو وزير ڪمشنر ڪراچي کي انڪوائري ڪميشن لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت سنڌ گل پلازا جي متاثرن جي مدد ۾ دير نه ڪندي، سخت قدمن ۽ اثرائتي جاچ ذريعي حقيقتون منظر عام تي آڻينداسين.
واضح رهي ته 17 جنوري 2026 تي ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع مشهور شاپنگ سينٽر گل پلازا ۾ باهه لڳي هئي جنهن نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.