نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي نائب صدر راجيو شُڪلا ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ ٿيندڙ ڳالهين جي نتيجي کي وڏي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ بابت غير يقيني صورتحال جي خاتمي تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي نائب صدر راجيو شڪلا اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي راجيو شڪلا چيو ته آءِ سي سي جي نمائندن جي ڳالهين جي نتيجي تي خوش آهيان ته ڪرڪيٽ جي اهميت کي ترجيح ڏني وئي، گڏيل راضپي سان فيصلو ٿيو جيڪو سٺو عمل آهي.
هن چيو ته ڳالهين کي آءِ سي سي جي چيئرمين سپروائز ڪيو، آءِ سي سي جا نمائندا پي سي بي ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهين لاءِ لاهور ويا ۽ مسئلو حل ٿيو.
بي سي سي آءِ نائب صدر جو چوڻ هو ته مسئلي جي حل لاءِ آءِ سي سي قدم کنيا، ڪرڪيٽ ٻيهر سامهون آئي، جيستائين آءِ سي سي جو تعلق آهي ته هي تمام وڏي ڪاميابي آهي.
راجيو شڪلا چيو ته آءِ سي سي جو ٿورائتو آهيان جنهن پاڪستان کي ڳالهين جي ميز تي آندو ۽ هاڻي 15 فيبروري تي ميچ ٿيڻ سٺي خبر آهي، پاڪستان کيڏندو ۽ هي ورلڊڪپ ڪاميابي جو مثال بڻجندو.
ڀارت ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب ايونٽ کان ٻاهر ٿيندڙ بنگلاديشي ٽيم بابت راجيو شڪلا چيو ته بنگلاديش لاءِ به سٺو آهي ته ڳالهين ۾ انهن جي بورڊ کي به رليف ڏنو ويو آهي، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ به خوش آهي، هنن آءِ سي سي جي واکاڻ ڪئي آهي.
واضح رهي ته حڪومت پاڪستان قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي 15 فيبروري تي ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.