ممبئي (ويب ڊيسڪ) عامر خان پروڊڪشنز پنهنجي ايندڙ فلم ”لاهور 1947“ جي وڏي پردي تي رليز جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو، فلم 13 آگسٽ 2026ع تي ڀارت جي آزادي واري هفتي دوران رليز ڪئي ويندي.
فلم ”لاهور 1947“۾ پهريون ڀيرو باليووڊ جو ناليوارو اداڪار سني ديول، هدايتڪار راجڪمار سنتوشي ۽ پروڊيوسر عامر خان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ شابانا اعظمي، پريتي جي زنٽا، اَڀِيمنيو سنگهه، ڪرن ديول ۽ علي فضل اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
ان کانسواءِ آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ موسيقار اي آر رحمان فلم جي موسييقي ترتيب ڏني آهي، جڏهن ته گيتن جا ٻول جاويد اختر ۽ ڊائيلاگ راجڪمار سنتوشي ۽ اصغر حيات لکيا آهن.
You might also like