لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي س) جي جواب جو اوسيئڙو آهي، هن موقعي تي ڪجهه چوڻ مناسب ناهي.
پاڪستان سُپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ملتان سلطانز جي نيلامي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته بنگلاديش جو معاملو اهم آهي، اسان کي سندن مناسب موقف جي حمايت ڪرڻي هئي.
هن چيو ته آءِ سي سي ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ هن وقت اهڙي مرحلي ۾ آهن، جتي ڪجهه چوڻ مناسب ناهي، اسان آءِ سي سي جي جواب جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جڏهن آءِ سي سي طرفان ڪا ڄاڻ ملي ته ضرور آگاهه ڪنداسين.
آءِ سي سي اختيارين جي پاڪستان آمد بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسان گهر آيل مهمان جي عزت ڪرڻ سکيا آهيون، آءِ سي سي پاڻ هلي ڪري اسان وٽ آئي ته ڪيئي شين کي وسارڻيون پونديون آهن.
هن چيو ته مان ڌمڪين کان نٿو ڊڄان ۽ نه ئي حڪومت ڊڄي ٿي، اسان جي فيلڊ مارشل کي سڀ ڄاڻن ٿا، ان ڪري ڪا به ڌمڪي مسئلو ناهي.
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي ملڪن اعليٰ سطح تي اسان سان رابطو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه دوست ملڪ به موجود آهن، جن آڏو اسان پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي.