ٻار ماچيس سان کيڏي رهيو هو ته گل پلازا ۾ باهه لڳي وئي: اکين ڏٺي شاهد جو عدالت ۾ بيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گل پلازا سانحي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ان وقت سامهون آئي، جڏهن جڊيشل ميجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ 4 اکين ڏٺن شاهدن پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو.
جڊيشل ميجسٽريٽ ڏکڻ عاصم اسلم جي عدالت جي روبرو گل پلازا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي اکين ڏٺن شاهدن 3 سيلز مينن ۽ هڪ 13 ورهين جي شاگرد بيان رڪارڊ ڪرايا، اکين ڏٺن شاهدن ۾ آريان، طلحه، وحيد ۽ حمزا شامل آهن.
13 ورهين جي آريان بيان ڏنو ته حذيفه پنهنجي پيءُ جي دڪان تي ماچيس سان کيڏي رهيو هو، وٽس ماچيس جا ٻه دٻا هئا ۽ هو دڪان تي اڪيلو هو، مان 5 وڳي اتي ويس ۽ ساڍي 8 وڳي تائين اتي ئي هيس، ان کانپوءِ مان پنهنجي پيءُ جي دڪان تي ويس، جتي مان صمد سان کيڏي رهيو هيس.
هن چيو ته مان ڏهين وڳي حذيفه کي خدا حافظ چوڻ ويس، حذيفه جي ماچيس سان کيڏڻ دوران باهه لڳي وئي، حذيفه اڳ به ائين ڪري چڪو هو، دڪاندارن کيس منع به ڪيو هو، باهه لڳڻ سبب صمد فوت ٿي ويو.
شاهد طلحه بيان ڏنو ته 17 جنوري تي پنهنجي دڪان تي هيس، اوچتو گلن جي دڪان ۾ باهه لڳي وئي، اسان سوچيو ته باهه وسامي وئي آهي پر ان جي شدت وڌي وئي، پوءِ ٻاهر نڪري پنهنجي حياتي بچائي.
شاهد وحيد چيو ته پنهنجي دڪان ۾ ويٺا هئاسين ته ٻارن جي وڙهڻ جو آواز آيو، اسان ٻڌو ته باهه لڳي آهي، اسان اٿي ڏٺو ته باهه لڳل هئي، باهه وڌي وئي ته مارڪيٽ مان نڪري وياسين.
شاهد حمزا بيان ۾ چيو ته 17 جنوري تي اسان حساب ڪتاب ڪري رهيا هئاسين، دڪان نمبر 193 ۾ باهه لڳي وئي، پاڻي هارڻ باوجود باهه جي شدت نه گهٽي، اسان ڀڄي جان بچائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.