اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته جيڪڏهن آءِ سي سي جو چيئرمين جئه شاهه پاڻ پاڪستان اچي ها ته پوءِ پاڪستان طرفان ڪنهن به قسم جو مطالبو نه ڪيو وڃي ها.
هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته آءِ سي سي چيئرمين جئه شاهه تي براڊڪاسٽرز جو دٻاءُ آهي ته هر حال ۾ پاڪ-ڀارت ميچ ٿيڻ گهرجي۽ اهو دٻاءُ راند جي مفاد لاءِ نه پر واپار ۽ ميڊيا جي مفاد لاءِ آهي.
شاهد آفريدي چيو ته جيڪڏهن آءِ سي سي جو چيئرمين جئه شاهه پاڻ پاڪستان اچي ها ته پوءِ پاڪستان جي طرفان ڪنهن به قسم جي جو مطالبو نه ڪيو وڃي ها.
اڳوڻي ڪپتان ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته هميشه راند کي سياست کان ڌار رکڻ گهرجي ته جيئن ڪرڪيٽ جو اصل مزو برقرار رهي ۽ رانديگر بنا دٻاءَ جي راند کيڏي سگهن.
هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ٿئي ها ته ان سان جئه شاهه جي واهه واهه ٿئي ها، اسپانسرز کي فائدو ملي ها ۽ ڪرڪيٽ به ٿئي ها، اصل ڳالهه اِها آهي ته هاڪاري پيغام وڃڻ گهرجي.
هن چيو ته جئه شاهه ۾ ايتري جرئت ناهي جو هو راند کي سياست کان پري رکي سگهي، ڇاڪاڻ ته بي سي سي آءِ کي چار گجراتي هلائي رهيا آهن.
شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته ماضيءَ ۾ پاڪستان کي ڀارت ۾ ڪيترين ئي ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پيو، پر ان جي باوجود جڏهن حڪومت طرفان گرين سگنل مليو ته ٽيم وئي.
هن وڌيڪ چيو ته 2016ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران به اسان اِها خبر نه هوندي هئي ته سڀاڻي فلائيٽ آهي يا نه اهڙي صورتحال ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو مزو ناهي ايندو.