دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي گڏيل عرب امارتن جي ٽيم مئنيجمينٽ پاڪستان ڄائي ڪرڪيٽر کي ظابطن جي ڀڃڪڙي تي ڀارت کان دبئي واپس موڪلي ڇڏيو.
اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ان معاملي تي وڌيڪ تفصيل مناسب وقت تي جاري ڪيا ويندا ۽ هن مرحلي تي وڌيڪ ڪا راءِ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ محمد زوهيب الزام لڳايو هو ته سڄي ٽيم مئنيجمينٽ ڀارت سان واسطو رکي ٿي ۽ پاڪستاني هئڻ سبب کيس ٽيم مان ٻاهر ڪيو ويو آهي.
گڏيل عرب امارتن جي ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت ڀارتي شهر چنائي ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ موجود آهي.
محمد زوهيب پنهنجي وڊيو بيان ۾ اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ کان معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته گذريل 3-4 ڏينهن دوران ڪوچ ۽ ٽيم اسٽاف جيڪي ڀارت سان تعلق رکن ٿا، مون کي سڏايو ۽ چيو ته پاڻ کي ان فٽ ڊڪليئر ڪيان ته جيئن واپس دبئي موڪليو وڃي، منهنجي انڪار تي مون کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته مستقبل ۾ توهان لاءِ ڏکيائي ٿيندي، جيئن عمان جي ڪرڪيٽرن سان ٿيو.
هن چيو ته ان کانپوءِ چيو ويو ته والدين جي صحت جو بهانو ڏيئي واپس هليو وڃان، جڏهن مون سبب پڇيو ته ڪو جواب نه ڏنو ويو ۽ مون کي زبردستي واپس موڪليو ويو، هنن پنهنجا رانديگر ٽيم ۾ آڻڻ لاءِ ائين ڪيو.
”يو اَي اِي جي ڀارتي مئنيجمينٽ پاڪستائي هئڻ سبب ورلڊ ڪپ مان ڪڍي ڇڏيو“ محمد زوهيب جي بيان تي ٿرٿلو
You might also like