پاڪستان سعودي عرب ۾ جاري ورلڊ ڊفينس شو ۾ ”اسميش“ هائپر سونڪ ميزائل متعارف ڪرائي ڇڏيو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي تخت گاهه رياض ۾ جاري ورلڊ ڊفينس شو 2026 ۾ پاڪستاني گلوبل انڊسٽريل اينڊ ڊفينس سلوشنز (جي آءِ ڊي ايس) ”اسميش“ (SMASH) نالي هائپرسونڪ اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل متعارف ڪرائي ڇڏيو.
اهو ميزائل سمنڊ ۾ هدفن کي نشانو بڻائڻ سان گڏ زميني هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمپني ٻڌايو ته اسميش ميزائل کي انتهائي تيز رفتار، درست رهنمائي سان حملو ڪرڻ جي صلاحيت سان ڊيزائن ڪيو ويو آهي، جنهن سان جديد فضائي ۽ ميزائل دفاعي نظام کي دوکو ڏيڻ ممڪن ٿي سگهندو.
اينٽي شپ سيٽنگ ۾ ان ميزائل جي رينج 290 ڪلو ميٽر ٻڌائي وئي آهي، ان ۾ 384 ڪلو گرام وزني وارهيڊ لڳايو ويو آهي، جڏهن ته نيويگيشن لاءِ ايڇ ڊي جي اين ايس اسسٽڊ اينرشيل نيويگيشن سسٽم سان گڏ ايڪٽو ريڊار سيڪر استعمال ڪيو ويو آهي.
ميزائل ۾ سنگل اسٽيج، ڊوئل ٿرسٽ سالڊ راڪٽ موٽر لڳايو ويو آهي، ڪمپني موجب ان ميزائل جي درستگي (سي اي پي) 10 ميٽر يا ان کان گهٽ آهي، جڏهن ته ٽرمينل فيز ۾ ان جي رفتار آواز جي رفتار کان ٻيڻي ٿي سگهي ٿي.
زميني هدفن لاءِ تيار ڪيل سيٽنگ ۾ به ميزائل جي رينج 290 ڪلو ميٽر رکي وئي آهي پر ان ورزن ۾ وارهيڊ جو وزن وڌائي 444 ڪلو گرام ڪيو ويو آهي، ان ميزائل ۾ نيويگيشن جو دارومدار ايڇ ڊي جي اين ايس اسسٽڊ انرشيل نيويگيشن تي هوندو.
ان ورزن ۾ به اهو ئي سنگل اسٽيج ڊوئل ٿرسٽ راڪٽ موٽر استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان جي درستگي 15 ميٽر يا ان کان گهٽ ۽ رفتار آواز جي رفتار کان ٻيڻي ٻڌائي وئي آهي.
جي آءِ ڊي ايس جو چوڻ آهي ته اسميش ميزائل کي ٻٽي ڪردار جي صلاحيت تحت تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن هڪ ئي قسم جي ميزائل کي سامونڊي ۽ زميني ٻنهي نوعيت جي مشنز لاءِ استعمال ڪري سگهجي، ان طريقي ڪار سان لاجسٽڪ نظام سادو رهندو آهي ۽ خرچ گهٽ ٿيندا آهن.
دفاعي ماهرن موجب وچ اوڀر ۽ ٻين خطن ۾ ڊگهي فاصلي تائين درست حملو ڪندڙ هٿيارن جي گهر وڌي رهي آهي ۽ اسميش کي اهڙي ئي تڪراري ۽ خطرناڪ ماحول ۾ اثرائتي هٿيار طور پيش ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.