ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ کي ”ٿري ايڊئٽس“، ”پي ڪي“، ”مُنا ڀائي ايم بي بي ايس“، ” لگي رهو مُنا ڀائي“ ۽ ”سنجو“ جهڙيون سپر هٽ فلمون ڏيندڙ مشهور فلمساز وڌو ونود چوپڙا جي پٽ اگني ديو چوپڙا پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 2026 ۾ شموليت بابت وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، بالي ووڊ فلمساز وڌو ونود چوپڙا جي پٽ اگني ديو چوپڙا پي ايس ايل ۾ شرڪت بابت هلندڙ افواهن تي وضاحت جاري ڪري آهي.
وڌو ونود چوپڙا جو پٽ اگني ديو چوپڙا تازو سوشل ميڊيا تي ان وقت خبرن جي زينت بڻيو، جڏهن ڪيترين ئي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته هن پاڪستان سپر ليگ 2026 جي نيلاميءَ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي آهي.
اهي افواهه ان وقت زور پڪڙڻ لڳا جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سرڪاري ويب سائيٽ تي رانديگرن جي فهرست ۾ سندس نالو آمريڪي رانديگر طور درج ڏٺو ويو.
ٻئي پاسي ڪرڪيٽر اهڙي قسم دعوائون سختي سان رد ڪندي خبرن کي جعلي ۽ ورغلائيندڙ قرار ڏنو ۽ واضح ڪيو ته سندس پاڪستان سپر ليگ سان ڪو به تعلق ناهي.
اگني ديو قياس افواهن جي خاتمي لاءِ پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريز تي بيان جاري ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ”منهنجي نالي سان هڪ ٽورنامنٽ بابت جعلي ۽ گمراهه ڪندڙ رپورٽون گردش ڪري رهيون آهن، مان سڀني کان گذارش ڪيان ٿو ته غلط ڄاڻ جو شڪار نه ٿين.“
هن وڌيڪ چيو ته ”مان وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته مون پي ايس ايل لاءِ رجسٽريشن ناهي ڪرائي، مان مڪمل طور تي آمريڪا ۾ پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر ۽ ڊگهي مدي وارن پيشيوراڻن هدفن تي ڌيان ڏئي رهيو آهيان.“
واضح رهي ته اگني ديو 2025 تائين ڀارتي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو حصو رهيو آهي، هو رانجي ٽرافي، وجئه هزاري ٽرافي ۽ سيد مشتاق علي ٽرافي جهڙن وڏن ايونٽن ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهي.