ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان ڪجهه شرطن تي ڀارت سان ميچ کيڏي سگهي ٿو: ذريعا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان ميچ کيڏڻ لاءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جون پاڪستان کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ پاڪستان پنهنجا مطالبا مڃرائي ڀارت سان ميچ کيڏي سگهي ٿو، جڏهن ته حتمي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ڪندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سان ڳالهين کانپوءِ حڪومت پاڪستان ۽ وزيراعظم شهباز شريف کان وڌيڪ هدايتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پاڪ-ڀارت ميچ بابت حتمي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ڪندو، جنهن کانپوءِ وڏي اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي ۽ پاڪستان پنهنجون شرطون مڃرائي ميچ کيڏي سگهي ٿو.
ياد رهي ته پاڪستان حڪومت جي هدايت تي پي سي بي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڀارت سان ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو هو.
امڪان آهي ته لاهور ۾ آچر جي رات چئن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڳالهين کانپوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا ۽ ڳالهين جو ٻيون دور رات دير تائين جاري رهيو.
ذريعن موجب، پي سي بي چيو آهي ته پي سي بي طرفان آءِ سي سي کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته حڪومت پاڪستان ئي حتمي فيصلو ڪندي، عمران خواجه پاڪستاني موقف آءِ سي سي بورڊ ميمبرن آڏو رکڻ جي پڪ ڏياري آهي، جڏهن ته ان موقعي تي اماراتي بورڊ جو مبشر عثماني به وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهين ۾ شريڪ ٿيو.
سريلنڪن ۽ اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان کان فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، ضرورت پئي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سومر تي وزيراعظم سان ملاقات ڪندو.
پاڪستان آءِ سي سي وفد آڏو پنهنجي سالياني آمدني ۾ واڌ جي شرط پيش ڪندو، پاڪستان آءِ سي سي وفد کي نه سڏايو هو، وفد پاڻ پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عمران خواجه آڏو پنهنجو واضح موقف پيش ڪري ڇڏيو، آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ لاءِ پاڪستان کي راضي ڪرڻ خاطر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي وائس چيئرمين عمران خواجه هنگامي طور لاهور پهچي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان اهم ملاقات ڪئي.
ان دوران بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر امين الاسلام به لاهور پهچي محسن نقوي ۽ عمران خواجه سان ملاقات ڪئي.
سريلنڪا کانپوءِ يو اَي اِي ڪرڪيٽ بورڊ به پاڪستان سان رابطو ڪري ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي ڀارت کي چيو آهي ته هو ڀارتي بورڊ سان ڳالهائيندو ته راند جي روح جي ابتڙ قدمن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ هينڊ شيڪ جهڙن معاملن کي ڊيگهه نه ڏني وڃي. پاڪستان کي ميچ لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي آپشن سامهون رکيا ويا آهن، اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين به پي سي بي کي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪئي آهي.
واضح رهي ته آچر تي ڪولمبو ۾ شيڊيول ميچ لاءِ پاڪستان حڪومت بنگلاديش جي حمايت ۾ ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.