لاهور (ويب ڊيسڪ) مقامي عدالت يوٽيوبَر سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي ۽ سندس گهر واري عروب جتوئي سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
ضلعي ڪچهري لاهور ۾ جڊيشل مجسٽريٽ نعيم وٽو جي عدالت ۾ يوٽيوبَر سعد الرحمان عرف ڊڪي سميت ٻين جوابدارن خلاف جوا پروموشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سمورا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي، سندس گهر واري ۽ ٻين جوابدارن خلاف فردِ جرم لاڳو ڪيو، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جڊيشل مجسٽريٽ نعيم وٽو ڪيس جي شاهدن کي 23 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته اين سي سي آءِ اي سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي سميت ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن ۾ جوابدارن تي آن لائن جوا ويب سائيٽن جي مشهوري جا الزام آهن.