73جي آئين، 18هين ترميم، اين ايف سي سان هٿ چراند جا خوفناڪ نتيجا نڪرندا: عبدالمالڪ بلوچ

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) نيشنل پارٽي جي صدر عبدالمالڪ بلوچ جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي بنيادي مسئلن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو قومي سڃاڻپ جو آهي، ڇو ته هي ملڪ گهڻ قومي رياست آهي، جتي بلوچ، پختون، سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابي رهندا آهن، ۽ اهي سمجهن ٿا ته انهن جي سڃاڻپ کي خطرو آهي. هاڻ ته پنجاب جا اڳواڻ به چون ٿا ته توهان پنجابي پڙهو ۽ پنجابي ڳالهايو، پر 2013 ۾ اسان ٻولين جي قانون سازي ڪئي، جهڙوڪ بلوچي، پشتو، براهوي، سرائڪي، سنڌي ۽ ٻين لاءِ، پر اسان کي اڄ تائين اهو حق ناهي مليو ته اسان پنهنجين ٻولين کي پڙهائي سگهون. عوام جو حق پارليامينٽ ۾ ناهي ملندو، يا ته نمائشي طور تي 2 کان 3 ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو آهي. مان سمجهان ٿو ته جيڪي پارٽيون عوام ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، جهڙوڪ پختونخوا ملي پارٽي ۽ بلوچ پارٽيون، انهن لاءِ هر روز اڻ کٽ مسئلا وڌي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ عاصما جهانگير ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ٻيو وڏو مسئلو بلوچستان ۾ انسروجنسي (بغاوت) جو آهي. بلوچستان جي انسروجنسي جو جيڪو سياسي حل آهي، اهو منهنجي نظر ۾ اڃا تائين اثرائتو ناهي. ان ۾ نه ڪنهن اسٽيبلشمنٽ جو، نه ڪنهن ميلٽنٽ گروهن جو حل آهي. هڪ يا ٻه موقعا ملڻ باوجود، انهن کي ضايع ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته ٽيون اهم مسئلو جنهن کي اسان هر روز منهن ڏئي رهيا آهيون، اهو فورس فلڊ ڊسيپيرنس (جبري گمشدگيون) جو آهي. مان سمجهان ٿو ته هن موضوع تي جيترو ڪجهه چيو ويو آهي، پر اڃا تائين ان جو ڪو حل نٿو نڪري. ٻيو اهو آهي ته بلوچستان ۾ فورسز جي مداخلت، جيئن ته اختر جان ۽ ٻين چيو آهي، جنهن ۾ سڪيورٽي حالتون اڃا تائين سٺيون ناهن. بلوچستان ۾ روڊ سيڪيورٽي ناهي، ان ڪري ٻاهرين نمائندگي، انٽرنيشنل فورسز، ۽ سياسي پارٽيون جيڪي اتي وڃڻ چاهين ٿيون، اهي ڏکيائين کي منهن ڏين ٿيون. جيڪڏهن توهان بلوچستان کي هڪ محفوظ سٽيٽ طور سنڀالڻ چاهيو ٿا، ته ان جون حالتون اسلام آباد کان وڌيڪ بهتر ٿي سگهن ٿيون، جيستائين ان کي سياسي طور تي شامل ڪيو وڃي ۽ بلوچستان جي عوام سان ڪنهن سياسي ڊيلنگ ٿيڻ کان پوءِ  ئي ڪجهه بهتر ٿي سگھي ٿو. ان کان سواءِ هن وقت تائين، گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ٿيڻ کان پري آهي ۽ اسٽيٽس ڪوارڊ برقرار آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي هڪ وفاقي پارليماني ويلفيئر اسٽيٽ نه بڻايو ويو، ته اها قومن ۽ طبقن جو مسئلو وڌندو رهندو ۽ ان کان وڌڻ جو ڪنهن به قسم جو حل نٿو ملي سگهي. هي بحران روز بروز وڌندو رهندو. جيڪڏهن توهان عوام کي پنهنجا حق نٿا ڏيو، جيڪڏهن بلوچستان جا نوجوان، جيڪي هن وقت بي روزگار آهن، انهن کي روزگار نه ملندو، انهن جا وسيلا ماڻهن جي هٿ ۾ نٿا ڏجن، ته پوءِ ان مسئلي جو حل ناهي. منهنجو سوال آهي جيئن احمد جان ۽ ٻين وٽ آهي، جڏهن ته اسان کي بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هر ضروري قدم کڻڻ گهرجي، جڏهن کان ان سان لاڳاپيل وفاقي آئيني دستاويزن کي محفوظ رکڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي قوم جي سڃاڻپ جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي بقا کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ نئين سوسائٽي ۽ نئين سياسي رويي جي ضرورت آهي. ان ۾ ئي بلوچستان ۽ پاڪستان جي ڀلائي آهي. هن چيو ته، خدارا، 73 جي آئين سان هٿراند نه ڪريو، 18هين ترميم، اين ايف سي سان هٿ چراند نه ڪريو، اهي متفقه طور تي دستاويز آهن، انهن تي راتاهو هنيو ويو ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ڪا قوم پنهنجي سڃاڻپ ۽ تاريخ ختم ڪرڻ تي سوديبازي ناهي ڪندي. جيڪا باهه ڀڙڪيل آهي، ان باهه کي اوهان بندوق سان نٿا وساري سگهو، اوهان اهڙو ماحول پيدا ڪريو جنهن ۾ بلوچستان جي نوجوانن کي رليف ملي، گم ٿيل ماڻهو گهر اچن، ۽ بي روزگار ماڻهن کي روزگار ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.