ڪولمبو/ممبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جو رنگا رنگ يارهون ايڊيشن سڀاڻي کان شروع ٿي رهيو آهي، ميگا ايونٽ جي افتتاحي ميچ پاڪستان ۽ نيڌرلينڊز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.
ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان ڪولمبو جي آر پراما داسا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ نيڌرلينڊز سان مهاڏو اٽڪائيندي، ميچ پاڪستاني وقت موجب صبح ساڍي ڏهين وڳي شروع ٿيندي.
ساڳئي ڏينهن تي منجهند اڍائي وڳي ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ ٻه ڀيرا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽنيدڙ ويسٽ انڊيز اسڪاٽ لينڊ سان سان مهاڏو اٽڪائيندي.
ان کانسواءِ ميزبان ڀارت ۽ گڏيل آمريڪي رياستن( يو ايس اي ) جون ٽيمون به ايڪشن ۾ هونديون، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت ۽ سريلنڪا جي گڏيل ميزباني ۾ ٽورنامينٽ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين جاري رهندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون ست مختلف وينيوز تي ٿينديون، جن چنائي، نئين دهلي، ڪولڪتا، ممبئي، احمد آباد، ڪولمبو ۽ ڪينڊي شامل آهن.
عالمي ڪپ ۾ حصو وٺندڙ 20 ٽيمن کي چئن مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گذريل فارميٽ جيان هر گروپ مان ٽاپ 2 ٽيمون سپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
سپر 8 مرحلي ۾ 8 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو ۽ ٻنهي گروپن مان ٽاپ ٻه سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
گروپ ۾ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، آمريڪا، نيڌرلينڊز ۽ نميبيا شامل آهن، گروپ بي ۾ آسٽريليا، سريلنڪا، آئرلينڊ، زمبابوي ۽ عمان شامل آهن.
گروپ سي ۾ انگلينڊ، ويسٽ انڊيز، اسڪاٽلينڊ، نيپال ۽ اٽلي شامل آهن، جڏهن ته نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، افغانستان، ڪئناڊا ۽ يو اي اي گروپ ڊي جو حصو آهن.
شيڊيول موجب، عالمي ڪپ جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ ڀارت ٽاڪرو 15 فيبروريءَ تي ڪولمبو ۾ ٿيندو(هتي اِهو به ياد رهي ته پاڪستان حڪومت گرين شرٽس کي عالمي ڪپ ۾ شرڪت جي اجازت ڏيندي ان ميچ جي بائيڪاٽ جي هدايت ڪئي آهي.)
ٽورنامينٽ جو فائنل احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو، پر جيڪڏهن پاڪستان فائنل ۾ پهتو ته فائنل ڪولمبو ۾ ٿيندو.
سيمي فائنلز لاءِ ممبئي ۽ ڪولڪتا کي چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پهچڻ جي صورت ۾ سيمي فائنل ڪولمبو ۾ ٿيندو.