اسلام آباد: امام بارگاهه ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪو، 31ڄڻا شهيد، 169 زخمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ امام بارگاهه جي اندر آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 31 ڄڻا شهيد جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب، ڌماڪو ترلائي ۾ جمعي جي نماز دوران امام بارگاهه خديجته الڪبرى ۾ ٿيو، آپگهاتي بمبار مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو.
اسلام آباد انتظاميا تصديق ڪئي آهي ته ترلائي جي امام بارگاهه ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ وڌي 31 ٿي ويو آهي جڏهن ته 169 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
اسلام آباد انتظاميا جي ترجمان موجب، ڌماڪي کانپوءِ 169 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن کي اسلام آباد جي مختلف اسپتالن پمز، پولي ڪلينڪ ۽ ٻين ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، پوليس نفري ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملو فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ گڏ ڪيا پيا وڃن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته امام بارگاهه ۾ ڌماڪو جمعي جي نماز دوران ٻي رڪعت دوران ان وقت ٿيو جڏهن نمازي سجدي ۾ هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آگهاتي بمبار پهرين فائرنگ ڪئي، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، ان دوران هن مُک دروازي وٽ پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو.
آءِ جي اسلام آباد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن ڌماڪي ۾ سندس سئوٽ جو پٽ به شهيد ٿيو، جيڪو نماز پڙهڻ لاءِ ٽي ماڙ عمارت ۾ موجود هو. ڌماڪو ايترو شديد هو جو ويجهن عمارتن جا شيشا به ٽٽي پيا.
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ترلائي ۾ امام بارگاهه جي اندر ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهادتن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.
وزيراعظم گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪري واقعي جي جاچ ڪري ترت ذميوارن جي نشاندهي جي هدايت ڪئي آهي.
شهباز شريف چيو ته ڌماڪي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري کين قانون جي ڪهٽڙي ۾ آندو وڃي، ملڪ ۾ شرپسندي ۽ بدامني پکيڙڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.
وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڏيندي صحت واري وزير کي معاملي جي نگراني جو حڪم ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.