اسلام آباد: امام بارگاهه ڌماڪو، آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي مسجد ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي.
حڪومتي ذريعن موجب، آپگهاتي بمبار افغانستان مان دهشتگرد ڪارروائيون جي تربيت حاصل ڪئي هئي ۽ ڪيترائي ڀيرا افغانستان جو سفر ڪري چڪو هو.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ موجود مختلف دهشتگرد گروهه طالبان حڪومت جي سرپرستي ۾ علائقي جي سلامتي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهن ۽ پاڪستان ۾ هر دهشتگرد ڪارروائي جي پٺيان افغانستان ۽ ڀارت جو گڏيل ڳٺ جوڙ آهي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي قوم اهڙين ڪِريل ۽ بزدلاڻين ڪارروائين جي آڏو رڪ جي ڀت بڻيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.