انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس زخمي، تفصيل سامهون اچي ويا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بين اسٽوڪس منهن تي بال لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو آهي.
انگليش ڪرڪيٽر بين اسٽوڪس سوشل ميڊيا تي زخمي چهري جي تصوير سان گڏ کِلڻ وارو ايموجي لڳايو، جنهن ۾ سندس ساڄي اک ۾ سوڄ ۽ نيرو نشان آهي، جڏهن ته هن جي منهن تي ٽاڪا پڻ لڳا آهن ۽ نڪ ۾ ٽشو جو ٽڪرو لڳل آهي.
رپورٽن موجب، بين اسٽوڪس ڊرم ۾ قائم انڊور ٽريننگ فيسليٽي ۾ زخمي ٿيو، جتي هو بئٽنگ يا بالنگ نه ڪري رهيو پر هڪ طرف بيٺو هو ۽ بال پنهنجي چهري ڏانهن ايندي نه ڏسي سگهيو.
ياد رهي ته ان کان اڳ انگلينڊ ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان آسٽريليا جي خلاف ايشز سيريز دوران به زخمي ٿي پيو هو ۽ سندس ريهيب جو عمل جاري هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.