ممبئي (ويب ڊيسڪ) ايپسٽين فائلز ۾ ڀارت جي ناليواري فلمساز انوراگ ڪشيپ جو نالو پڻ سامهون آيو آهي، جڏهن ته بالي ووڊ هدايتڪار ان رابطن کي رد ڪندي اهڙين دعوائن کي ڪلڪ بيٽ قرار ڏنو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، فلمساز انوراگ ڪشيپ جو نالو ايپسٽين فائلز ۾ مبينا طور تي ”بالي ووڊ بواءِ“ جي طور تي ورتو ويو آهي.
ايپسٽين فائلز جاري ٿيڻ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، جن ۾ مرحوم ۽ سزا يافته جنسي ڏوهاري جيفري ايپسٽين جي مجرماڻين سرگرمين سان جڙيل دستاويز، تصويرن ۽ وڊيوز شامل آهن.
غير تصديقي دستاويزن ۾ هڪ نالو فلمساز انوراگ ڪشيپ جو آهي، مبينا اي ميلز ۾ کيس ”بالي ووڊ بواءِ“ ۽ ”مشهور بالي ووڊ ڊائريڪٽر“ چيو ويو آهي.
اي ميلز ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ” انوراگ 2017ع ۾ بيجنگ ۾ ايپسٽين جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ وارا هو.“
ٻئي پاسي فلسماز انوراگ ڪشيپ طرفان ان الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي وئي آهي.
مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته” مون کي ان معاملي بابت ڪائي ڄاڻ ناهي، مون کي ماهوار اٽڪل 15 دعوتون ملنديون آهن، جن جو ڪڏهن ڪڏهن ئي جواب ڏيندو آهيان ۽ مان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به بيجنگ نه ويو آهيان.“
هن دستاويزن جي ساک تي سوال اٿاريندي چيو ته ” هي ڪا اڻ ترتيب ٿيل اي ميل آهي، جيڪا پاڻ ئي سڀ ڪجهه واضح ڪري ٿي، منهنجي نالي تي ٺهيل ڪلڪ بيٽس منهنجي فلمن کان وڌيڪ مشهور آهن.“
ايپسٽين فائلز ڇا آهي؟
سمنڊن جي وچ ۾ هڪ خاموش ٻيٽ، جنهن کي دنيا ”پيڊوفائل آءِ لينڊ“ يا عياشيءَ جو ٻيٽ سمجهندي آهي، هڪ خاص چارٽرڊ جهاز جنهن جو نالو ”لوليتا ايڪسپريس“ رکيو ويو ۽ جنهن جا مسافر دنيا جا سگهارا ترين سياستدان، ارب پتي، ڪاروباري ۽ هالي ووڊ جا ستارا هئا.
هن ٻيٽ جي بند ڪمري ۾ معصوميت جو واپار ٿيندو هو، جتي غريب گهراڻن مان 14 کان 17 سالن جي نينگرين کي هڪ سوچيل سمجهيل نيٽ ورڪ ذريعي سمگل ڪيو ويندو هو، هتي طاقت جي نمائش ٿيندي ۽ ڪو به قانون لاڳو نه ٿيندو هو، هي هڪ اهڙو ڪِريل ڪاروبار هو جنهن ورهين تائين تائين دنيا جي طاقتور اشرافيه کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي رکيو ۽ ان سڄي نيٽ ورڪ جو ماسٽر مائنڊ جيفري ايپسٽين هو.