پاڪستانين لاءِ گڏيل عرب امارتن جي ويزا! وڏو اعلان ٿي ويو

گڏيل عرب امارات پاڪستانين لاءِ ورڪ ويزن جي جلد بحالي جو اعلان ڪري ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن پاڪستانين لاءِ ورڪ ويزن جي جلد بحالي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ تياريون ۽ هوم ورڪ آخري مرحلن ۾ آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، گڏيل عرب امارتن جي سفير سالم الزابي اعلان ڪيو آهي ته پاڪستاني افرادي قوت لاءِ يو اي اي جي ورڪ ويزا جلد ٻيهر بحال ڪئي ويندي.
هن خاطري ڪرائي ته ان ڏس ۾ سموريون ضروري تياريون ۽ هوم ورڪ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن.
اهڙو اعلان يو اي اي جي سفير پاڪستان اوورسيز ايمپلائيمينٽ پروموٽرز ايسوسيئيشن (پوئپا) جي وفد سان ملاقات دوران اعلان ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.