اسلام آباد ڌماڪي کانپوءِ 25 ايمرجنسي ايمبولينسز روانيون، راولپنڊي جون هڙئي اسپتالون هاءِ الرٽ تي آهن: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ امام بارگاهه اندر آپگهاتي ڌماڪي کانپوءِ راولپنڊي جون سموريون اسپتالون هاءِ الرٽ تي آهن.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته 25 ايمرجنسي ايمبولينس اسلام آباد روانيون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته راولپنڊي ضلعي جون هڙئي اسپتالون هاءِ الرٽ تي آهن.
مريم نواز چيو ته اسپتالن ۾ سرجري واريون ٽيمون مڪمل طور تي تيار آهن، جڏهن ته بلڊ بئنڪن ۽ آپريشن ٿيٽرن ۾ زخمين کي هر قسم جون طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
وزيراعليٰ پنجاب موجب، راولپنڊي جي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ياد رهي ته اسلام آباد جي ڀرپاسي واري علائقي ترلائي ۾ مسجد ۽ امام بارگاهه خديجته الڪبرى ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين لڳ ڀڳ 31 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 150 کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.