آسٽريليا کي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ وڏو ڌڪ، اهم رانديگر ٽورنامينٽ مان ٻاهر

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ آسٽريلوي ٽيم کي هڪ ٻيو وڏو جهٽڪو لڳي ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ مڪمل فٽنس حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن کانپوءِ هو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ان ڏس ۾ سليڪٽر ٽوني ڊوڊي ميڊ جو چوڻ آهي ته اسان کي اميد هئي ته هيزل ووڊ سپر 8 مرحلي تائين فٽ ٿي ويندو، پر کيس مڪمل فٽ ٿيڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهربل آهي.
ٽوني ڊوڊي ميڊ چيو ته اسان فور طور متبادل رانديگر جو اعلان نه پيا ڪريون، ڇاڪاڻ⁠ ته شروعاتي ميچز لاءِ اسان وٽ بالر موجود آهن.
واضح رهي ته جوش هيزل ووڊ کان اڳ پيٽ ڪمنز به انجري سبب ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريلوي ٽيم گروپ بي ۾ شامل آهي ۽ 11 فيبروري تي آئرلينڊ خلاف پنهنجي مهم جي شروعات ڪندي، جڏهن⁠ته ابتدائي ميچ لاءِ اسپن بالر ايڊم زيمپا کي فٽ قرار ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.