اڀيجيت ساونت جو ارجيت سنگهه طرفان پلي بيگ سنگنگ ڇڏڻ کانپوءِ وڏو انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) انڊين آئيڊل جي پهرئين سيزن جي فاتح گلوڪار اڀيجيت ساونت، ارجيت سنگهه جي پلي بيڪ گلوڪاري ڇڏڻ کانپوءِ وڏو انڪشاف ڪيو آهي.
واضح رهي ته گلوڪار اريجيت سنگهه گذريل مهيني سوشل ميڊيا تي هڪ جذباتي پوسٽ ذريعي پلي بيڪ سنگنگ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
اريجيت جي پلي بيڪ گلوڪاري ڇڏڻ کانپوءِ اڀيجيت ساونت انڪشاف ڪيو آهي ته گلوڪارن جو استحصال ٿي رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويو دوران اڀيجيت ساونت چيو ته ماڻهو نٿا چاهين ته گلوڪار فلمن کان وڏا بڻجي وڃن، تنهنڪري کين هڪ مقرر رقم ادا ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته اسان کي ايترا به پئسا ناهن ملندا جو پنهنجي روزي روٽي برقرار رکي سگهون.
ڀارتي گلوڪار چيو ته گلوڪار ڄاڻن ٿا ته ”جيڪڏهن ڪو گيت منهنجي آواز ۾ ڪنهن وڏي اسٽار جي چپن سان هم آهنگ ٿي رليز ٿئي ٿو، ته پوءِ مان ان گاني کي سڄي زندگي استعمال ڪري سگهان ٿو، گلوڪار پاڻ پئسا نٿا گهرن، ڇو ته هو رڳو ڳائڻ چاهين ٿا يا ڪنهن خاص فلمساز سان ڪم ڪرڻ جا خواهشمند هوندا آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي جيڪا به رقم ملي ٿي، اسان ان کي قبول ڪري وٺون ٿا، ڇاڪاڻ⁠ ته جيڪڏهن اسان ائين نه ڪنداسين ته ڪو ٻيو اهو ڪم ڪندو، گلوڪارن جو تمام گهڻو استحصال ٿئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.