لاهور ( ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڪو به ڪنهن کي تنگ نه پيو ڪري، سڀ ماڻهو پنهنجي مستي ۾ آهن.
پنجاب ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ بسنت جو جشن ملهائي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي سالن کانپوءِ لاهور ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽي گهٽي بسنت جي بهار اچي وئي آهي.
ان موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ عظميٰ بخاري چيو آهي ته ” صوبي ۾ ڪو به ڪنهن کي تنگ نه پيو ڪري، سڀ ماڻهو پنهنجي مستي ۾ آهن.“
هن چيو ته” دعا آهي ته هي خوشيون ٽن ڏينهن تائين برقرار رهن ۽ ڪنهن جي نظر نه لڳي.“
واضح رهي ته پنجاب ۾ اڄ ۽ سڀاڻي بسنت جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي لاهور ۾ بسنت جي موقعي تي مختلف واقعن ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.