دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جي ڏهين ايڊيشن لاءِ ڪامينٽري پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڏهين ايڊيشن لاءِ ڪمينٽري پينل جو اعلان ڪيو ويوآهي، ڪامينٽري پينل ۾ اڳوڻن عظيم رانديگرن ۽ موجوده ستارن جي شاندار فهرست شامل آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شروع ٿيندو، جنهن لاءِ اعلانيل ڪامينٽري پينل ۾ روي شاستري، ناصر حسين، ايان سمٿ ۽ ايان بشپ جهڙا وڏا ۽ جڳ مشهور نالا شامل آهن.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪمينٽري پينل ۾ پاڪستان جا چار نالا وسيم اڪرم، وقار يونس، بازيد خان ۽ رميز راجا شامل آهن، جڏهن ته ايرون فنچ ، دنيش ڪارتيڪ، ڪمار سنگاڪارا، سيموئل بدري، رابن اُٿپا ۽ ڪارلوس بريٿويٽ پڻ ڪامينٽري جا فرض انجام ڏيندا.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته موجوده رانديگر ۽ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کٽيندڙ ڪپتان ٽيمبا باووما پڻ ڪامينٽري ۾ پنهنجي آواز جو جادو جگائيندو.
جڏهن ته 2014ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فاتح سريلنڪن ٽيم جو رڪن اينجلو ميٿيوز به ڪامينٽري ٽيم جو حصو هوندو ۽ اهي ٻئي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ ۾ ڪامينٽري ڪندا.