”اسان ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مددڪئي“ سريلنڪا جي پي سي بي کي ڀارت خلاف نه کيڏڻ واري فيصلي تي نظرثاني جي اپيل

ڪولمبو/لاهور/نئين دهلي/دبئي(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي خط لکي ڀارت سان نه کيڏڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي آهي.
سياسي ڇڪتاڻ ۽ غير يقيني واري صورتحال دوران آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڇنڇر کان ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شروع ٿي رهيو آهي.
بنگلا ديش اڳ ۾ ئي ٽورنامينٽ جو بائيڪاٽ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستاني حڪومت به پنهنجي ٽيم کي ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جي اجازت ناهي ڏني.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي پليئنگ ڪنڊيشنز موجب، جيڪڏهن پاڪستان ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري ٿو ته پاڪستان کي ميچ جي ٻن اهم پوائنٽس تان هٿ ڌوئڻو پوندو، جڏهن ته اِهي پوائنٽس ڀارت کي ملندا.
برطانوي ميڊيا سريلنڪن ميڊيا هائوس ”نيوز وائر“ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي کي خط لکيو آهي.
ٻئي پاسي سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي خط لکي ڀارت سان نه کيڏڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
سريلنڪا ڪرڪيٽ جي نائب صدر روين وڪرماراٿني برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي آهي ته سريلنڪا ڪرڪيٽ پي سي بي کي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ ڀارت خلاف ميچ کان انڪار واري فيصلي تي ٻيهر غور ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ” ان فيصلي جي نتيجي ۾ سريلنڪا وڏو مالي نقصان ڀوڳڻو پوندو.“
پر پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ کيڏندو يا نه ان تي اڃا تائين غير يقيني واري صورتحال ڇانيل آهي.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي معاهدي جي هڪ شق بابت به ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، جيڪا امڪاني طور پاڪستان کي وڏي ڏنڊ کان بچائي سگهي ٿي.
ايس ايل سي جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي طرفان جاري ڪيل خط ۾ پي سي بي کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ سان نقصان ٿيندو، جن ۾ هوٽلن جي بُڪنگ رد ٿيڻ، فلائيٽ ريزرويشن ۽ لاجسٽڪ مسئلا شامل آهن.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جو ڀارت خلاف نه کيڏڻ نه رڳو سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ، پر ٽورنامينٽ ۾ شامل هر اسٽيڪ هولڊر کي متاثر ڪندو.
خط ۾ ايس ايل سي پي سي بي کي اهو به ياد ڏياريو آهي ته ”سريلنڪا ڪرڪيٽ ڪيئن پاڪستان کي بين الاقوامي اڪيلائي مان ڪڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو“
ايس ايل سي لکيو آهي ته ”جڏهن ٻيون ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان جو دورو ڪرڻ کان لنوائي رهيون هيون، تڏهن سريلنڪا ڪيئي ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪيو.“
ياد رهي ته 2009ع ۾ لاهور ۾ سريلنڪن ٽيم جي بس تي دهشتگرد حملي کانپوءِ ٻين ٽيمن دورا ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا هئا، تڏهن سريلنڪا ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ مختلف موقعن تي پاڪستان جو دورو ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.