بالي ووڊ اداڪار راجپال يادَو گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار راج پال يادَو چيڪ بائونس ڪيس ۾ پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بالي ووڊ اداڪار چيڪ بائونس ڪيس ۾ تصفيي جي رقم ادا نه ڪرڻ سبب ڏچي ۾ پئجي ويو آهي.
نئين دهلي هاءِ ڪورٽ راج پال يادَو خلاف چيڪ ڊس آنر جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڏنل رعايت واپس وٺندي اداڪار کي هدايت ڪئي هئي ته هو 4 فيبروري تائين لاڳاپيل جيل سپرنٽنڊنٽ آڏو سرنڊر ڪري.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اداڪار عدالت طرفان ڏنل ڊيڊ لائن مطابق تِهاڙ جيل ۾ گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪار جي وڪيل عدالت ۾ رقم جي ادائيگي بابت رعايت جي درخواست ڪئي هئي ۽ 50 لک رپين جي ادائيگي لاءِ هڪ هفتي جو وقت گهريو هو، جنهن تي عدالت انڪار ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.