نادر جمالي مامرو: دادو پوليس ناٽڪن تي لهي آئي آهي: نياز ڪالاڻي

دادو(ڊ ر ) جسقم بشير خان قريشي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، رمضان پنهور دادو پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دادو جي نوجوان نادر جمالي جو قتل عدالت کان مٿانهون قتل آهي وارثن جو موقف اهميت رکي ٿو ان باوجود دادو پوليس ناٽڪن تي لهي آئي آهي، اگر نادر جمالي ڏوهاري يا اشتهاري هيو ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ها نه ڪي ان کي پڪڙي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ھا، صافظاهر آهي پوليس پنهنجي پٽي ڀائين جي ونگار وهندي، ايس ايس پي عهدي تي موجود هجي ۽ جاچ به هلي اها جاچ ڪنهن کي قبول نه هوندي، دادو ۾ قلم ڌڻين مٿان داخل ٿيل دهشتگردي قلم هيٺ ڪيس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي فوري طور داخل ٿيل ڪيس ختم ڪيو وڃي، نادر جمالي جي معاملي تي سڄي سنڌ ۾ بحث هلي پيو، دادو ضلعي جي يا ٻاهرين پوليس هن ڪيس جي جانچ نه ڪري معاملي جي عدالتي جاچ اهم آهي ننڍيون وڏيون غلطيون سڀ ڪنهن کان ٿين ٿيو پر ان جي سزا قتل نه آهي، پوليس صحافين تي اي ٽي سي جا قلم هڻي ڪيس داخل ڪري تمام غلط عمل ڪيو آهي جنهن سبب سڄي سنڌ جا قلم ڌڻي احتجاجن طرف اچن پيا، نادر جمالي جي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي وارثن جي ڳالهيون اهميت واريون آهن پوليس کي اهيو به اختيار نه آهي ته ڊيٿ وارنٽ واري کي به پوليس مقابلي ۾ قتل ڪري هي ته شهري هو، معاملي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي سڄي سنڌ به اهو مطالبو ڪري ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.