”بي ايل اي کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو وڃي“پاڪستان جو سلامتي ڪائونسل کان مطالبو

نيويارڪ(عوامي آواز رپورٽ)پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ دهشتگردي بابت سخت موقف اختيار ڪندي زور ڏنو آهي ته بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) کي فوري طور دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو وڃي۔سلامتي ڪائونسل ۾ دهشتگردانه ڪارروائين سبب عالمي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن بابت تازي بريفنگ دوران پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته پرڏيهي سرپرستي ۽ غير ملڪي فنڊنگ سان هلندڙ دهشتگرد پراڪسيز تازن ڏينهن ۾ بلوچستان ۾ 48 بيگناهه شهرين کي قتل ڪيو آهي۔سندس چوڻ موجب پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز فيصلائتي ڪارروائي ڪندي مناسب جواب ڏنو۔ عاصم افتخار عالمي برادري کي خبردار ڪيو ته دهشتگردي جو منظرنامو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، پرڏيهي سرپرستي ۽ غير ملڪي فنڊنگ سان هلندڙ گروهه، جن ۾ ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي شامل آهن، افغانستان جي سرزمين تان سرگرم آهن ۽ کين ’اوڀرندي پاڙيسري‘ جي حمايت حاصل آهي۔هن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ تازي حملن دوران عورتن ۽ ٻارن سميت 48 عام شهري مارجي ويا، جڏهن ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ۾ بي ايل اي جي 145 دهشتگردن کي هلاڪ ڪيو،هن  ٻيهر خبردار ڪيو ته دهشتگردي جو منظرنامو تيزي سان بدلجي رهيو آهي۔ سندس چوڻ موجب داعش اڃا تائين شام ۽ عراق ۾ سرگرم آهي، پر هاڻي ان جو ڌيان آفريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا ڏانهن وڌي رهيو آهي۔هن دعويٰ ڪئي ته اهي گروهه آن لائن ڀرتي، ڪرپٽو ڪرنسي، ڊرونز ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جو استعمال ڪري رهيا آهن۔پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن جو بلوچستان حملن تي جاري ڪيل پريس بيان ۽ يڪجهتي جي اظهار تي پڻ شڪريو ادا ڪيو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.