پريانڪا جي 6 سالن بعد بالي ووڊ ۾ واپسي، ڊان يا ڪرش ؟ ڪهڙي فلم ۾ڪم ڪندي؟ پاڻ ٻڌائي ڇڏيائين

ممبئي (ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ ۾ عالمي شهرت حاصل ڪرڻ کانپوءِ اداڪارا پريانڪا چوپڙا ڀارتي انڊسٽريءَ ڏانهن واپسي بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
هڪ انٽرويو ۾ 43 ورهين جي اداڪارا چيو ته ” مان ڏاڍي خوش آهيان جو مان واپس اچي رهي آهيان ۽ ڀارت ۾ فلم ڪري رهي آهيان، ڇاڪاڻ⁠ ته جيڪڏهن ڀارتي سئنما ۾ واپسي جو ڪو ٻيو طريقو هجي ها ته اهو به شايد ائين ئي هجي ها.“
ڊان ۽ ڪرش فلم فرنچائز ۾ واپسي بابت افواهن تي سوال جي جواب ۾ پريانڪا چوپڙا محتاط رويو اختيار ڪندي چيو ته مون کي خبر ناهي ته مان انهن مان ڪنهن هڪ بابت ڳالهائي به سگهان ٿي يا نه.
پريانڪا چوپڙا جي ايندڙ منصوبن ۾ هالي ووڊ فلم دي بلف شامل آهي، جيڪا 25 فيبروري 2026 تي او ٽي ٽي پليٽ فارمز تي رليز ٿيندي، جڏهن ته فلم وارانسي ايندڙ سال رليز ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.