ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش جي يوٿ ۽ راندين واري کاتي جي وزير آصف نذرل آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع مان بنگلاديش جي نيڪالي کانپوءِ ايڪي جي اظهار تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو آهي.
آصف نذريل خميس ڏينهن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان چيو ته ”وزيراعظم شهباز شريف جي اعلان کانپوءِ پاڪستان ڀارت خلاف پنهنجو ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو، جيئن بنگلاديش سان ايڪي جو اظهار ڪري سگهجي.“
واضح رهي ته گذريل ڏينهن شهباز شريف ڪابينا اجلاس دوران چيو هو ته بنگلاديش سان ايڪي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پاڪستان عالمي ڪپ ۾ ڀارت خلاف نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو.
آصف نذرل موجب، موجودا صورتحال عالمي ڪرڪيٽ ۾ سيڪيورٽي، انتظامي شفافيت ۽ راندين ۾ غيرجانبداري بابت هڪ نئون سفارتي پهلو پيدا ڪري رهي آهي.
ياد رهي ته بنگلاديش 22 جنوري تي ڀارت ۾ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ورلڊ ڪپ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته آءِ سي سي ساڻن منصفاڻو رويو اختيار نه ڪيو.
بنگلاديش جي نيڪالي کانپوءِ اسڪاٽلينڊ کي ٽورنامينٽ ۾ جاءِ ڏني وئي، اسڪاٽلينڊ گروپ سي ۾ انگلينڊ، ويسٽ انڊيز، اٽلي ۽ نيپال سان شامل آهي ۽ ان جي پهرين ميچ 7 فيبروري تي ايڊن گارڊنز، ڪولڪتا ۾ ويسٽ انڊيز خلاف شيڊيول آهي.