ڀارت خلاف ميچ جي پَڪ ناهي، بنگلاديش جي ورلڊ ۾ نه هجڻ تي افسوس آهي: سلمان علي آغا

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته ڀارت خلاف ميچ بابت فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي ۽ اسان حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بابت ڪولمبو ۾ ڪپتانن جي پريس ڪانفرنس دوران سلمان علي آغا چيو ته ڪپتان طور هي منهنجو پهريون عالمي ڪپ آهي، جنهن لاءِ تمام گهڻو پرجوش آهيان ۽ اميد آهي ته منهنجي قيادت ۾ ٽيم سٺو کيڏندي.
هن چيو ته ڀارت خلاف ميچ بابت فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي ۽ اسان حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا، ڀارت سان ميچ ٿيندي يا نه، ان بابت ڪا پڪ ناهي، حڪومت جيئن چوندي اسان تيئن ڪنداسين، بنگلاديش ٽيم جو ورلڊ ڪپ ۾ شامل نه هجڻ افسوسناڪ آهي.
سلمان علي آغا چيو ته اسان ايشيا ڪپ کانپوءِ سٺو کيڏي رهيا آهيون، گذريل 6 مهينن کان سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهيون، هن ڀيري ٽيم سٺو کيڏي رهي آهي، اميد آهي ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين ۽ باقي ٽيمون به اسان خلاف سٺو کيڏنديون.
قومي ڪپتان وڌيڪ چيو ته سريلنڪا منهنجي لاءِ ٻئي گهر جهڙو آهي ۽ هتان جا ماڻهو سٺي اخلاق وارا آهن، سريلنڪا ۾ جڏهن به ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ آيو آهيان، سٺو محسوس ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته انهن شين تي وڌيڪ ڌيان نٿا ڏيڻ چاهيون، جيڪي اسان جي هٿ وس ناهن، اسان سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ورلڊ ڪپ ۾ ڪا به ٽيم ننڍي ناهي هوندي، نيڌرلينڊز خلاف ميچ لاءِ سٺي تياري ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.