متان ڪجهه ماڻهن کي اِها ڳالهه نه وڻي پر پاڪستان جي ورلڊ ڪپ کٽڻ جا امڪان روشن آهن: اَشون

چنائي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي اسپنر روي چندرن اَشون آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ مضبوط ٽيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
اشون پنهنجي يوٽيوب چينل تي پاڪستان اسڪواڊ جو تجزيو ڪندي ٽيم جي عالمي ڪپ جي تيارين تي روشني وڌي.
اڳوڻي ڀارتي اسپنر چيو ته ”شايد ڪجهه ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي پر مان رڳو ڪرڪيٽ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، منهنجي خيال ۾ هن ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي کٽڻ جا سچ پچ ڏاڍا سٺا امڪان آهن.“
اشون موجب، پاڪستان جا اوپنر ۽ بالر ٽيم جي وڏي طاقت آهن.
هن چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي سگهه ان جي اوپننگ جوڙي آهي، بابر اعظم اوپن نه ڪندو، پر صاحبزاده فرحان ۽ صائم ايوب اوپن ڪندا، صائم ايوب پاور پلي دوران بيٽنگ ڪندي متاثر ڪندو رهيو آهي.
اشون چيو ته بالنگ ۾ شاهين شاهه آفريدي جو پاور پلي ۾ اڪانامي ريٽ 6.5 آهي، ابرار احمد ۽ نواز به سٺا بالر آهن، نواز ڪنٽرول سان ۽ ابرار پنهنجي انفراديت سبب خطرناڪ آهن.
اشون پاڪستان ٽيم جي خامين جو به ذڪر ڪيو، جن ۾ ڪجهه اهم رانديگرن جي غير مستقل ڪارڪردگي ۽ ٽيم ڪامبينيشن بابت فيصلا شامل آهن، بهرحال هن نوجوان ٽيلنٽ جي صلاحيت کي به تسليم ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان جي ڪمزوري بابر اعظم جو مڊل آرڊر ۾ اچڻ آهي، جڏهن ته نسيم شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي جي ڊيٿ اوورز ۾ بالنگ گهڻي اثرائتي نه رهي آهي، شاداب خان جي بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ تنزلي آئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مجموعي طور پاڪستان جي ٽيم مضبوط آهي، پر ڪمزوريون به موجود آهن، پر هن ٽيم ۾ سلمان علي آغا جهڙا رانديگر به آهن جن جو اڪثر ذڪر ناهي ڪيو ويندو.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ جاري رهندو، پاڪستان ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ ڇنڇر ڏينهن نيڌرلينڊز خلاف کيڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.