پي ٽي آءِ باني جي پٽ قاسم خان سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪندي پيءُ جي صحت بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان قاسم خان چيو ته عمران خان 914 ڏينهن کان اڪيلائي ۾ قيد آهي ۽ سندس صحت بگڙي رهي آهي، مان ۽ ڀاءُ پيءُ سان ملڻ لاءِ پاڪستان وڃڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته عمران خان کي آزاد طبي سهولت تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي، حڪومت ڄاڻي واڻي اسان جي ويزا درخواستن تي ڪارروائي نه پئي ڪري، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ حڪومتون ان معاملي تي آواز اٿارين.
”پيءُ جي صحت بگڙي رهي آهي“ عمران خان جي پٽ جو انساني حقن جي عالمي تنظيمن کان اهم مطالبو
You might also like