” هو اسان جو ڀاءُ آهي“ جي اعلان سان مستفيض الرحمان لاهور قلندرز جو حصو بڻجي ويو

لاهور )ويب ڊيسڪ) لاهور قلندرز پي ايس ايل 11 لاءِ بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي ڊائريڪٽ سائن ڪري ورتو، جڏهن ته شاهين آفريدي کي ريٽين ڪيو ويو آهي.
پاڪستان سُپر ليگ جي فرنچائز دفاعي چيميپئن لاهور قلندرز پي ايس ايل جي 11هين ايڊيشن لاءِ اهم قدم کڻندي مستفيض الرحمان کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
بنگلاديشي فاسٽ بالر ان کان اڳ 2016 ۽ 2018 ۾ به قلندرز جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، هن سائننگ تي ڌرين وچ ۾ 6 ڪروڙ 44 لک پاڪستاني رپين ۾ معاهدو طئي ٿيو آهي.
لاهور قلندرز جي اونر ثمين رانا جو چوڻ آهي ته مستفيض الرحمان رڳو هڪ رانديگر نه پر اسان جي ڪٽنب جو اهم ڀاتي آهي ۽ اسان کي خوشي آهي ته هو ٻيهر اسان جي ڊريسنگ روم جو حصو بڻجي رهيو آهي.
ان کانسواءِ لاهور قلندرز شاهين آفريدي کي 7 ڪروڙ، عبدالله شفيق کي 2 ڪروڙ 2 لک، سڪندر رضا کي 2 ڪروڙ 8 لک ۽ محمد نعيم کي 70 لک رپين ۾ ريٽين ڪيو آهي، جڏهن ته ملتان سلطانز جي نيلامي 9 فيبروري تي شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.