لاهور (ويب ديسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اسٽيو سمٿ پاڪستان سُپر ليگ (پي ايس ايل) جي تاريخ جو مهانگو ترين رانديگر بڻجي ويو.
پي ايس ايل جي نئين فرنچائز سيالڪوٽ اسٽالينز پي ايس ايل جي يارهين ايڊيشن لاءِ اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ کي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
سيالڪوٽ اسٽالينز طرفان اسٽيو سمٿ جي شموليت جو اعلان سوشل ميڊيا ذريعي ڪيو وي، هن سيزن ۾ هو پهريون ڀيرو پاڪستان سپر ليگ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.
سيالڪوٽ اسٽالينز اسٽيو سمٿ کي ڊائريڪٽ سائننگ ذريعي پنهنجي ٽيم جو حصو بڻايو آهي.
رپورٽ موجب، سيالڪوٽ اسٽالينز 14 ڪروڙ رپين ۾ اسٽيو سمٿ کي ٽيم ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ سمٿ هاڻي تائين پي ايس ايل جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو رانديگر بڻجي ويو آهي.
بابر ۽ آفريدي، اسٽيو سمٿ پي ايس ايل جي تاريخ جا مهانگا ترين رانديگر بڻجي ويا آهن.
پي ايس ايل 11 لاءِ فرنچائزز طرفان ريٽين ڪيل رانديگرن جي رقم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پشاور زلمي بابر اعظم، لاهور قلندرز شاهين آفريدي ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ شاداب خان کي 7 ڪروڙ رپين ۾ ريٽين ڪيو آهي.
پي ايس ايل جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رانديگرن جي چونڊ واري عمل ۾ وڏي تبديلي آندي وئي آهي، هاڻي روايتي ڊرافٽ سسٽم بدران نيلامي تي ٻڌل ماڊل متعارف ڪرايو ويو آهي.
جنهن تحت فرنچائزز هاڻي هر ڪيٽيگري مان 8 بدران رڳو هڪ هڪ رانديگر کي ريٽين ڪري سگهن ٿيون ۽ باقي رانديگرن کي نيلامي ذريعي ٽيم جو حصو بڻايو ويندو.