گذريل سال 4 هزار پاڪستاني ڊاڪٽر ملڪ ڇڏي پرڏيهه هليا ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گذريل سال بهتر مستقبل جي ڳولا ۾ پاڪستان ڇڏي ويندڙ ڊاڪٽرن جي انگ ۾ واڌ ٿي آهي. 2025 ۾ لڳ ڀڳ 4,000 ڊاڪٽر بهتر مستقبل جي ڳولا ۾ پاڪستان ڇڏي ويا.گيلپ پاڪستان جي رپورٽ موجب، ملڪ ڇڏيندڙ ڊاڪٽرن جو تعداد تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي ۽ ان کان اڳ واري سال 3,800 کان 4,000 ڊاڪٽرن ملڪ ڇڏي ويا. سروي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽن ڏهاڪن تائين، پاڪستان ڇڏيندڙ ڊاڪٽرن جو تعداد ساليانو ڪجهه سو تي مستحڪم رهيو، پر 2010 کان پوءِ ان ۾ تيزي آئي ۽ 2025 ۾ لڳ ڀڳ 4,000 ڊاڪٽر پاڪستان ڇڏي ويا.رپورٽ موجب، هن لاڙي جا ڪارڻ پڻ واضح آهن، جن ۾ خراب ڪم ڪندڙ حالتون، ترقي جا محدود موقعا، سيڪيورٽي خدشا ۽ بهتر معيار زندگي جي ڳولا شامل آهن. ان سان گڏ، عالمي سطح تي طبي ماهرن جي مضبوط گهرج پڻ پاڪستاني ڊاڪٽرن کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ هرکائي رهي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.